اسلام آباد– 23 مئي (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير خسرو بختيار چيو آهي ته 20-2019ع جو ترقياتي بجيٽ 1837 ارب رپين جو هوندو جنهن مان ايندڙ مالي سال جو وفاقي ترقياتي بجيٽ 925 ار?? جڏهن ته صوبن جو حصو 912 ارب هوندو. موجوده حڪومت معيشت جي بحالي ۽ استحڪام لاءِ ڀرپور قد?? کڻي رهي آهي، هي اسان جي حڪومت جو پهريون پي ايس ڊي پي آهي، شديد مالي ڏُکيائين باوجود ايندڙ مالي سال جي پي ايس ڊي پي ۾ ڪجهه نَون ۽ اهم سيڪٽرن لاءِ رقم مخصوص ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪلين گرين پاڪستان، موسمياتي تبديلي، ناليج اڪانامي، انساني ترقيءَ جي وسيلن، زراعت جي ترقي ۽ علائ??ائ?? هڪجهڙائي ترقياتي پروگرام شامل آهن. اهڙو اظهار هن سالياني رٿابندي، رابطا ڪميٽي (اي پي سي سي) جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم