اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) پاڻي ۽ بجلي واري نگران وفاقي وزير ??ئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته پاڻي هڪ نعمت ۽ زندگي آهي، پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، ملڪ کي پاڻي جي کوٽ درپيش آهي، قوم کي پاڻي جي کوٽ جي مسئلن جو ادراڪ آهي، منگلا ۽ تربيلا ڊيمن کانپوءِ اسان ڪو ڊيم ناهي ٺاهيو، پاڪستان ۾ 90 کان 95 سيڪڙو پاڻي زراعت ج?? لاءِ استعمال ٿئي ٿو، ڊيم ٺاهڻ سان گڏوگڏ پاڻي کي زرعي مقصدن ۾ بهتر استعمال ڪر?? جي ضرورت آهي، آبپاشي ۽ پوکيءَ جي جديد نظام کي اخت??ار ڪرڻو پوندو، آبادگارن کي فنڊز ڏيڻا پوندا، برسات جي پاڻي کي ذخيرو ڪر?? جي لاءِ جلد قدم کڻڻا پوندا، نون ڊيمن جي تعمير ??يندڙ حڪومت ج?? لاءِ هڪ وڏو چئلينج هوندو. هو پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو، جنهن ۾ هن ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ جي مسئلي کي منهن ڏي?? جي لاءِ 10 تجويزون پيش ڪيون.
پاڻي هڪ نعمت ۽ زندگي آهي، پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج