اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ??يو آهي ته پاڪستان ڪڏهن به اڪيلو نه هو، پرڏيهي پاليسي ??امياب رهي آهي، ملڪ ۾ دهشتگردن جا ڪنهن به قسم جا ڪي ڳجها ٺڪاڻا ??ه آهن، دهشتگردي خلاف دنيا جي سڀ کا وڏي جنگ وڙهي رهيا آهيون. اهڙن خيال?? جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چي??ل کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. وزيراعظم ??يو ته بحران، مشڪلاتون ۽ چئلينجز ايندا رهندا آهن، حڪومت جو ڪم انه?? جو مقابلو ڪرڻ آهي ۽ اهو اسان ڪري رهيا آهيون، گڏيل قوم?? جون جيڪي به قراردادون آهن اسان انهن جي مڪمل تعميل ڪريون ٿا، حڪومت سمورن مسئلن کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته اهي خطرا ??ه آهن پر مسئلا آهن ج?? جو اظهار مختلف فورمن تي ڪجهه ملڪن ڪيو آهي جنه?? جو پاڪستان وڏو واضح جواب به ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اسا?? جو ان حوالي سا?? جواب وڏو واضح آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪنهن به قسم جا ڳجها ٺڪاڻا ??ه آهن ۽ نه ئي پاڪستان ڪنهن قسم جي دهشتگردي جي حمايت ڪري ٿو پر پاڪستان ته هن وقت دهشتگردي جي خلاف دنيا جي سڀ کان وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي.
پاڪستان ڪڏهن به اڪيلو نه هو، پرڏيهي پاليسي ڪامياب رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا