اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي پرڏيهي معا??لن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چ??و آهي ته 1999ع ۾ جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ختم نه ٿئي ها ته ڪشمير مسئلو حل ٿي چڪو هجي ها، ڀارتي وزيراعظم مودي جي ڪوشش آهي ته هو پاڪستان کان پنهنجي بالادست?? قائم ڪرائي ۽ پاڪستان ڪشمير تي ڳالهه نه ڪري، اهي ٻئي ڳالهيون اسان جي لاءِ قابل قبول نه آهن، پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان پرامن لا??اپن جو خواهشمند آهي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان 1999ع ۾ مش??ل حالتن ۾ ائٽمي ڌماڪا ڪيا، واجبائي پاران ائٽمي ڌماڪا پاڪستان جي لاءِ چئلينج هو، ان وقت جي ڪابينا ۾ ٽي وزير فوري ڌماڪن جا حامي هئا جڏهن ته ڪجهه وزير فوري ڌماڪا نه ڪرڻ جو مشورو ڏئي رهيا هئا تنهن هوندي به وزيراعظم نواز شريف ڌماڪن جو فيصلو ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس