نيويارڪ – 19 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قوم?? جي ملٽري آبزرور گروپ (يو اين ايم او جي آءِ پي) جي نئين م??رر ٿيل سربراهه ميجر جنرل رامون گارڊ ڊوسانچيز گڏيل قومن ۾ پاڪستا?? جي مستقل نمائندي م??ير اڪرم سان نيويارڪ ۾ عالمي اداري ۾ پاڪستان مشن ۾ ملاقات ڪئي. يو اين ايم او جي آءِ پي جي سربراهه پنهنجي نئين ذميواري سنڀالڻ لاءِ پاڪستان روانگي کان اڳ پاڪستاني نمائندي سان م??اقات ڪئي ۽ پنهنجي گروپ ??ي مينڊيٽ سان گڏو گڏ ٻين لاجسٽڪ ۽ آپريشنل تفصيلن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. يو اين ايم او جي آءِ پي گڏيل قوم?? جي قديم ترين مشنز مان هڪ آهي جيڪو جنوري 1949ع ۾ رياست ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ بندي جي نگراني لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. راولپنڊي ۾ قائم اهو گروپ 44 فو??ي مبصرن ۽ 75 عالمي سويلين اهلڪارن تي ٻڌل آهي. پاڪستاني نمائندي م??ير اڪرم يو اين ايم او جي آءِ پي جي سربراهه طور مقرري تي ميڪسيڪو سان تعلق رکندڙ ميجر جنرل رامون گارڊ ڊوسانچيز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ جي نئين مقرر ٿيل سربراهه پاران پاڪستاني سفير منير اڪرم سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔