ٽوڪيو – 9 آگسٽ (اي پي پي)جاپان ??ي وزيراعظم فو??يو??شيدا ارضياتي سائنسدانن جي ملڪ ۾ وڏو زلزلو اچڻ جي اڳڪٿي کانپوءِ جمعي ڏينهن مرڪزي ايشيائي ملڪن جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي جي قومي اداري (جي ايم اي) خميس ڏينهن ڏکڻ واري علائقي ۾ 7.1 جي شدت جي زلزلي سبب 8 ڄڻا زخمي ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ هڪ ٻئي وڏي زلزلي جي اڳڪٿي ڪئي هئي. ??ي ??يف پي مطابق وزير اعظم فو??يو??شيدا جمعي تي قازخستان، ازبڪستان ۽ منگوليا جي دوري تي روانو ٿيڻو هو. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي حيثيت سان ڪنهن امڪاني بحران ??ي انتظام جي سڀني کان وڏي ذميواري مون تي هجڻ سبب مون فيصلو ڪيو ته مونک?? گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتو ملڪ ۾ ئي موجود رهڻ گهرجي. فو??يو??شيدا چيو ته 2011ع ۾ 9.0 جي شدت جي هڪ وڏي زلزلي کانپوءِ تيار ڪيل هڪ نئين نظام تحت جي ايم ??ي ??رفان پنهنجي پهرين ايڊوائيزري جاري ڪرڻ کانپوءِ عوام کي فڪرمند هجڻ گهرجي.
جاپان ۾ وڏو زلزلو اچڻ جي اڳڪٿي، وزيراعظم پاران مرڪزي ايشيائي ملڪن جو دورو ملتوي
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania