مڪو شريف -02 جولاءِ (اي پي پي) سعودي حج ۽ عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه حج 2024 (1445هه) لاءِ شروعاتي منصوبي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پروگرام تي عمل جي شروعات 16 سيپٽمبر 2023ع کان ڪئي ??يندي. سعودي خابرو اداري مطا??ق حج ۽ عمري واري وزير طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته حج 2024ع لاءِ اڳ ۾ کان عملي طور تي ڪم جي شروعات ڪئي ??يندي ته جيئن ڪمپنين طرفان حج پانڌيئڙن کي بهتر سهولتون فر??هم ڪرڻ لاءِ تياري جو وقت ملي سگهي. هن چيو ته ايندڙ حج لاءِ سيمينار منعقد ڪيا ويندا. لائسنس يافته ڪمپنين جي ڊجيٽل رجسٽريشن جي شروعات ڪئي ??يندي. هوائي ڪمپنين سان معاهدي لاءِ سول ايوي ايشن سان لاڳاپيل معاملن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. حج ويزائون جاري ڪرڻ جي حوالي سان هن چيو ته پهرين مارچ 2024ع (20 شعبان 1445هجري) کان ڊجيٽل ويزائون جاري ٿيڻ شروع ٿي وي??دي??ن اهو سلسلو 29 اپريل 2024ع تائين جاري رهندو جڏهن ته 9 مئي 2024ع (پهرين ذوالقعد 1445) کان حج پانڌيئڙن جون اڏامون ملڪ اچڻ شروع ٿي وي??دي??ن.
سعودي حج ۽ عمري واري وزير جو حج (1445هه) 2024ع لاءِ شروعاتي منصوبي جو اعلان
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون