انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف ۽ ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ٻنهي ڀائرن ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن کي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل تاريخ ۽ مقصدن تي ٻڌل آهن ۽ اهي لاڳاپا نسل در نسل جاري رهندا، پ??ڪس??ان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ويجهي دوستي ۽ تعاون کي وڌيڪ ??ضبوط بڻايو ويندو، سيپٽمبر ۾ اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيندو جڏهن ته پ??ڪس??ان ??رڪ صدر جي سيپٽمبر ۾ دوري جو به منتظر رهندو، جنهن سان ٻنهي ملڪن کي پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ ??روغ ڏيڻ جو موقعو ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو ته هن سال ٻئي ملڪ پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. وزيراعظم صدر اردوان ??ان ملاقات کي انتهائي لاڀائتي قرار ڏيندي ان ??ميد جو اظهار ڪيو ته ترڪ صدر جي فعال قيادت ۾ ٻطرفا لاڳاپا نئين بلندين تائين پهچندا. ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان چيو ته ملاقات دوران هنن علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي دائري کي وڌائڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف والهاڻي استقبال ۽ پرخلوص مهمان نوازي تي ترڪ صدر جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ترڪيءَ اچڻ اسان ??ي لاءِ پنهنجي ٻئي گهر اچڻ برابر آهي. آئون پاڻ سميت پ??ڪس??ان ??ي عوام پاران ??رڪيءَ ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام کڻي آيو آهيان. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل ثقافتي، مذهبي ۽ روحاني ورثي سان ڳنڍيل آهن، جيڪي وقت جي حدن، جاگرافيائي ۽ سياست کان مٿانهان ??هن. اسان ??نهن رشتن کي هڪ مقدس امانت وانگر ڏسون ٿا، جيڪي اسان ??ي وڏن اسان کي ڏنا آهن ۽ جن کي اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته هن سال اسان ٻئي ملڪ پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه شاندار طريقي سان ملهائي رهيا آهيون. منهنجي پياري ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان ??ي بصيرت افروز قيادت ۾ اسان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وينداسين. هن چيو ته اسان ??ا ملڪ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي اجلاسن ۾ جامع ڳالهه ٻولهه ۾ مصروف آهن، جيڪي اسان ??ي گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. مون کي اهو اعلان ڪندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته صدر اردوان ??يندڙ اعليٰ سطحي اجلاس سيپٽمبر ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، آئون سندس ٿورائتو آهيان، جنهن اسان کي ميزباني جو موقعو فراهم ڪيو آهي، اسان ??نهن انتهائي نتيجاخيز ملاقاتن جا منتظر آهيون. هن چيو ته اهو به طئي ٿيو آهي ته جون ۾ هڪ مضبوط واپاري وفد پ??ڪس??ان ??و دورو ڪندو. اسان ??ي ٽيم اتي ملاقاتن جي لاءِ مناسب تياري ڪندي ته جيئن ٺوس ۽ نتيجاخيز قدم کڻي سگهون. هن چيو ته اي ڪامرس، ٽوئرازم، تعليم ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جهڙا تمام گهڻا شعبا آهن جن ۾ ترڪيءَ وڏي ترقي ڪئي آهي، پن بجلي جي پيداوار ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ اسان ??رڪيءَ مان ??يڙپڪاري جي صورت ۾ تعاون حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪنداسين. اسان ??ا ترڪ ڀائر سيڙپڪاري سان منافعو ڪمائيندا ۽ اسان کي سستي بجلي ملندي جيڪا وڏي سوڀ هوندي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي صنعت جي شعبي ۾ تعاون جي امڪانن کي به اجاگر ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پ??ڪس??ان ۽ ترڪيءَ فطري حصيدار آهن، اسان ??ا موقعا به هڪ جهڙا آهن ۽ چئلينج به هڪ جهڙا آهن، اسان ??ي قوم سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل هوندي آهي. پ??ڪس??ان ??ي عوامي بنيادي دلچسپي جي مسئلن خاص طور تي ڪشمير مسئلي تي پ??ڪس??ان ??ي موقف جي حمايت تي صدر رجب طيب اردوان کي ساراهيون ٿا. ڪشمير تڪرار تي ترڪيءَ جي اڻٿڪ حمايت سان ??هادر ڪشميري عوام کي وڏو حوصلو ملي ٿو، جيڪي 7 ڏهاڪ?? کان مسلسل ڏاڍ جو شڪار آهن. هن چيو ته مون صدر رجب طيب اردوان کي ڀارتي غيرقانوني قدم?? کان علائقائي امن ۽ استحڪام کي لاڳو خطرن بابت آگاهي ڏني آهي. پ??ڪس??ان ??من جي پنهنجي جستجو کي ختم نه ڪندو پر اسان ??ن ڳالهه تي يقين رکون ٿا ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن رڳو ان ??ورت ۾ حاصل ٿي سگهي ٿو جڏهن والاريل ڪشمير ۾ پراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان ??دائين پنهنجي ترڪ قبرصي ڀائرن جي مقصد جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي ۽ اسان ??نهن جي جائز حقن ۽ امنگن جي حمايت جاري رکنداسين. هن چيو ته پ??ڪس??ان ??هشتگردي خلاف جنگ ۾ ترڪيءَ سان گڏ بيٺل آهي. ترڪيءَ جا دشمن پ??ڪس??ان ??ا دشمن آهن. هن چيو ته اسان ??ي حصيداري سدائين جي ڀلائي جي طاقت آهي ۽ اسان هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان ??ي گڏيل مقصد کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪيترن ئي ڏهاڪ?? کان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. اسان ??ا ٻئي ملڪ دنيا ۾ پناهگيرن جي سڀ کان وڏي آبادي جي ميزباني ڪن ٿا ۽ اهو اسان پنهنجي محدود وسيلن سان ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان ??يپٽمبر ۾ صدر رجب طيب اردوان ??ي پ??ڪس??ان ??ي دوري جا منتظر آهيون، ان ??ان ??سان ??ي لاڳاپن کي وڌيڪ ??ضبوط ڪرڻ جو موقعو ملندو. جڏهن ته ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان چيو ته پ??ڪس??ان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ انتهائي ويجها لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ ??روغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته عوام جي خوشحالي جي لاءِ پ??ڪس??ان ??ان ??قتصادي تعاون ترجيح آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مواصلات، تعليم، ماحوليات ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ ويجهو تعاون آهي. پ??ڪس??ان کي بحري جهازن جي تياري ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪري رهيا آهيون. ترڪ صدر چيو ته دهشتگردي خلاف پ??ڪس??ان ??ي سڀني ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا. عالمي فورمن تي پ??ڪس??ان ??ي ڀرپور حمايت تي سندس ٿورائتا آهيون. مختلف عالمي فورمن تي اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پ??ڪس??ان ۽ ترڪيءَ هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. هن چيو ته اسان ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي جائز امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل جي حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته پرامن ۽ خوشحال افغانستان ??طي جي مفاد ۾ آهي. انساني همدردي جي بنياد تي افغان ??وام کي ڀرپور امداد فراهم ڪئي وئي. ترڪ صدر چيو ته اسان ??ي ڳالهه ٻولهه لاڀائتي ثابت ٿي آهي، مون شهباز شريف ۽ سندس وفد جو ترڪيءَ جو دورو ڪرڻ تي ٿورو مڃيو آهي ۽ پ??ڪس??انين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو آهي. جڏهن ته ا?? کان اڳ ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل مفادن جي مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي گڏيل پريس ڪانفرنس، ٻطرفي تعاون کي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری