اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري سعودي عرب جي پرڏي??ي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شري رحمان موجود هيون. پرڏي??ي وزير خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي سندس دور انديش قيادت ۾ سعودي عرب کي ترقي جي نئين بلندين کي حاصل ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي پرڏي??ي وزيرن گذريل مهيني جده ۾ ٿيندڙ پنهنجي پهرين ڳالهه ٻولهه جو زڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفي حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان حصيداري کي گڏيل فائدي لاءِ م??بو?? ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، ٻنهي پرڏي??ي وزيرن ٻطرفي لاڳاپن جي م??تلف رخن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي م??املن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت جي ڪسوٽي تي پورا لٿا آهن، هن سعودي عرب جي پاڪستان جي م??لسل حمايت ۽ ڪشمير ڪاز تي ان جي م??تقل يڪجهتي کي ساراهيو. ٻنهي پرڏي??ي وزيرن سعودي عرب – پاڪستان لاڳاپن جي تزويراتي اهميت ۽ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، ٻنهي پرڏي??ي وزيرن عالمي م??ئلن تي ٻنهي ??رين جي وچ ۾ نظريات جي هڪجهڙائي جو ذڪر ڪندي او آءِ سي پليٽ فارم سميت اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۽ هم آهنگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل طور تي رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ