اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ هائوس هن وقت هارس ٽريڊ??گ جو مرڪز بڻيل آهي، جنهن قسم جي آئين کان مٿانهين خريد ۽ وڪري جون منڊيون لڳل آهن ان جي خلاف مضبوط ايڪشن کڻنداسين. پي ٽي وي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته سنڌ هائوس تمام گهڻو پئسو منتقل ڪرڻ جا اطلاع آهن، سنڌ هائوس ۾ ماڻهن کي رکڻ لاءِ صوبي کان پوليس به گهرائي وئي آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزير چيو ته هن وقت سنڌ هائوس هارس ٽريڊ??گ جو مرڪز بڻيل آهي ۽ اهڙي طرح جون سرگرميون آئين جي خلاف آهن، ه?? چيو ته اسان وڏي مح??ت سان ان طرح جي قدمن کان ڇو??ڪا??و حاصل ڪري ورتو هو پر بدقسمتي سان مخالف ڌر هارس ٽريڊنگ شروع ڪري رکي آهي، حڪومت ان جي خلاف مضبوط ايڪشن جي منصوبابندي ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ