اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ پرتگال جي عوامي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽري فرينڊشپ گروپس کي وڌيڪ متحرڪ ڪيو وڃي، پرامن ۽ مستحڪم ا??غا??ستان نه رڳو پاڪستان جي لاءِ بنيادي اهميت رکندڙ آهي پر خطي جي امن امان لاءِ ا??غا??ستان ۾ امن ۽ امان ضر??ري آهي، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي پرتگال جي پرڏيهي وزير آگستو سينطوس سلوا سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي گڏيل دلچسپي، علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت گڏيل قومن جي فورم تي ٻنهي ملڪن جي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير پرتگال سان پاڪستان جي گڏيل لا??اپن، خاص طور تي اقتصادي ۽ واپاري لا??اپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظ??ار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽري فرينڊشپ گروپس تي اعتماد جو اظ??ار ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ۾ قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ پرتگال جي عوامي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ ان گروپس کي وڌيڪ متحرڪ ڪيو وڃي. علائقائي امن ۽ استحڪام جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم ا??غا??ستان نه رڳو پاڪستان جي لاءِ بنيادي اهميت رکندڙ آهي پر خطي جي امن امان لاءِ ا??غا??ستان ۾ امن امان ضر??ري آهي. پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو ا??غا??ستان سان رابطن جي ذريعي مثبت قدمن کي يقيني بڻائي ته جيئن ا??غا?? عوام جي ضرورتن موجب انساني بنيادن تي ان جي مدد ڪري سگهجي ۽ ا??غا??ستان کي معاشي تباهي کان محفوظ رکي سگهجي. هن ا??غا??ستان سان سفارتي عملدارن ۽ عالمي ادارن جي عملي جي محفوظ نڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو، هن پرتگال جي پنهنجي هم منصب کي ڀارت جي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين، جنگي ڏوهن، انسانيت جي خلاف ڏوهن، نسل ڪشي ۽ ڀارت جي غير قانوني والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل قراردادن ۽ عالمي انساني حقن جي قانونن جي خلاف ورزين جي حوالي سان عالمي برادري کي فراهم ڪيل ثبوتن تي مشتمل ڊوزيئرز جي باري ۾ به ٻڌايو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ پرتگال جي گڏيل رابطن سميت اعليٰ سطح جي وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي خواهش جو به اظ??ار ڪيو.
پاڪستان ۽ پرتگال جي عوامي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽري فرينڊشپ گروپس کي وڌيڪ متحرڪ ڪيو وڃي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores