اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊگهين عمارتن جي شڪل ۾ رهائش حڪومت جي ترجيح آهي، اهڙي طرح اسان تيزي سان وڌندڙ آبادي جي رهائشي ضرورتن کي ??ورو ڪري سگهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊيولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ??اهور ۾ جاري ڪيڊاسٽريل ميپنگ مشق تي بريفنگ ڏ??ي وئي. کيس ٻڌايو ويو ته منصوبو ٽريڪ تي آهي ۽ 15 نومبر 2021ع تائين مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ??دايت ڪئي ته اهي لاهور جي زمين رڪارڊ کي جلد کان جلد ڊيجيٽل ڪرڻ کي ??ڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن زمين تي قبضا مافيا ۽ قبضن جي خلاف هڪ عام ماڻهو کي ريليف ملي سگهي. وزيراعظم کي ??ائوسنگ اينڊ و??ڪس واري وزارت تحت مختلف هائوسنگ منص??بن جي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ??ڌايو ويو ته هائوسنگ اينڊ و??ڪس واري وزارت 86323 هائوسنگ يونٽس تعمير ڪري رهي آهي جن جي مجموعي لاڳت 463 ارب رپيا آهي، ان جي مختلف منص??بن تحت ملڪ ۾ تعميراتي ??رگ??مين ۾ تيزي سان 200000 کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، 2314 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جون معاشي ??رگ??ميون پيدا ٿينديون. وزيراعظم عمران خان ڳالهه کي ??رجايو ته ڊگهين عمارتن جي شڪل ۾ عمودي رهائش حڪومت جي ترجيح آهي، اها نه رڳو تيزي سان وڌندڙ آبادي جي رهائشي ضرورتن کي ??ورو ڪندي پر ڊيجيٽلائيزڊ ڪيڊاسٽريل ميپنگ موجب شهرن جي زمين جي موثر استعمال کي ??ڻ يقيني بڻائيندي.
ڊگهين عمارتن جي شڪل ۾ رهائش حڪومت جي ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں