اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي ??والي سان ڪافي بهتري آئي آهي، جنهن جي ڪري مارڪيٽون، مالز، پ??لڪ ٽرانسپورٽ، ريسٽورانٽس، سئنيما گهر، ٿيٽرز، جمز ۽ پ??لڪ پارڪس 10 آگسٽ کان کوليا ويندا، تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر کان کوليا ويندا، 7 سيپٽمبر تي آخري ريويو ڪنداسين، ميرج هالز کي 15 سيپٽمبر تي کوليو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جي ??ورتحال تي قومي رابطا ڪميٽي جي ??جلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ۾ هن چيو ته 7 ??يپٽمبر تي تعليمي ادارا کولڻ جو حتمي جائزو ورتو ويندو. وفاقي وزير چيو ته اجلاس ۾ 8 آگسٽ کان سياحتي علائقن جي هوٽلز کوليون وينديون، ان کانسواءِ 10 آگسٽ کان جمز، ٿيٽرز ۽ سئنيما هالز پڻ کوليا ويندا جڏهن ته ڪٻڊي، ملهه ۽ رگبي کانسواءِ ٻين راندين جي ??جازت ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته موٽرسائيڪل جي ڊبل سواري ۽ مارڪيٽون ڇنڇر ڏينهن بند رکڻ جي پابندي ختم ڪئي پئي وڃي. واپاري پراڻي طريقيڪار موجب دڪانون کولي سگهن ٿا. هن چيو ته 15 سيپٽمبر کان شادي هالز کولي سگهجن ٿا. پ??لڪ ٽرانسپورٽ کي پڻ کوليو پيو وڃي. ميٽرو بسن ۾ بيهي سفر ڪرڻ جي ??جازت نه هوندي. ايڪسپو هالز ۽ بيوٽي پارلرز 10 آگسٽ کان کوليا پيا وڃن جڏهن ته مزارن کي پڻ کوليو پيو وڃي. جڏهن ته صوبائي انتظاميا کان عرس جي ??جازت وٺڻي پوندي. وفاقي وزير اسد عمر عوام کي زندگي بحال ??رڻ سان گڏوگڏ اها تنبيهه به ڪئي ته جن ملڪن ۾ ڪورونا ختم ٿيو، اتي ٻيهر ڪيسز سامهون آيا، خطرو اڃا ختم ن??هي ٿيو، احتياط لازمي ڪرڻي پوندي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ريسٽورانٽس ۾ ٻاهر ۽ اندر ويهڻ جي ??جازت هوندي. هوٽلز به شادي جا فنڪشن ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته موٽرسائيڪل تي ڊبل سواري جي پڻ اجازت هوندي.
حڪومت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي حوالي سان ڪافي بهتري آئي آهي: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب