اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد نواز شريف چيو آهي ته ڪشميري عوام تي ظلمن کي موثر انداز ۾ نمايان ڪرڻ جي لاءِ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ لائن آف ڪنٽرول جو گذريل مهيني دورو ڪندڙ خودمختيار مستقل انساني حقن ??ار?? ڪميشن جي رپورٽ جي وڏي پئماني تي اشاعت ڪرڻ گهرجي. هن اها ??الهه او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف احمد سان وزيراعظم ??ائوس ۾ ڳالهائيند?? چئي. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل جو پاڪستان ۾ شاندار استقبال ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته او آءِ سي جو علائقائي ۽ عالمي سطح تي اهم ڪردار آهي. هن خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو ا??هار ڪرڻ تي او آءِ سي ۽ ڀائر مسلمان ملڪن جا ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ