اسلام آباد – 17 نومبر (اي ??ي پي) ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ سياست، معيشت، دفاع، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ??نه??جي قدرن جي تحفظ سان گڏوگڏ جمهوريت تي ??ملدرآمد کي ڪاميابي سان سرانجام ڏيڻ جو مظاهرو ڪندي مسلمان امت جي لاءِ هڪ مثال قائم ڪيو آهي، ترڪي کي ڪشمير ۾ تازي ڀارتي ??لمن تي وڏي ڳڻتي ??هي ۽ هو ڪشميري عوام جي خواهشمن موجب ڪشمير مسئلي ??ي حل جي خواهشمد آهي ۽ ان ڏس ۾ هو ??نه??جو ڪردار ادا ڪندو، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو ته آئون اوهان سڀني کي ??نه??جي وفد ۽ ترڪ عوام طرفان دلي ??ذبن، احترام، محبت ۽ خلوص ڀريو سلام پيش ڪريان ٿو، آئون ترڪي مان اوهان سڀني لاءِ محبتون کڻي آيو آهيان، آئون هڪ ڀيرو ٻيهر سمورن پاڪستاني ڀائرن سان ??نه??جي محبت، احترام ۽ خلوص جو اظهار ڪريان ٿو، 2012 جي پاڪستان جي دوري دوران به مون قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي، تقريبن ساڍا چار سال بعد قومي حاڪميت جي علامت بڻجندڙ هن اداري جي ڇت هيٺان هڪ دفعو ٻيهر گڏ ٿيڻ منهنجي لاءِ خوشي جوڳي ڳالهه آهي.
ترڪي کي ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي ڳڻتي آهي: ترڪ صدر
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے