اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??واز شريف سڀاڻي خميس ڏينهن آذربائيجان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو، هو آذربائيجان جي قيادت سان ٻه طرفي لاڳاپن، اقتصادي تعاون ۽ اهم علائقائي ۽ بين الاقوامي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ٿيندڙ بيان ۾ چيو ويو آ??ي ته آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي وزيراعظم محمد ??واز شريف 13 آڪٽوبر کان 15 آڪٽوبر تائين آذربائيجان جو دورو ڪري رهيو آ??ي. وزيراعظم سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي جو وفد آذربائيجان ويندو. هي دورو پاڙيسري ۽ علائقائي ملڪن سان لاڳاپن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ وزيراعظم پاڪستان جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿو.
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا