واشنگٽن-06 نومبر (اي پي پي) آمريڪا جي صدارتي چونڊ ۾ ري پبلڪن پارٽيءَ جو اميدوار ۽ اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪامياب ٿي ويو آهي. هن پاڻ کي آمريڪا جو 47هون صدر چوندي پنهنجي ڪاميابيءَ جو اعلان ڪيو ۽ چيو آهي ته آمريڪي عوام اڄ تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي، هاڻي آمريڪا جي سونهري دؤر جي شروعات ٿيندي. صدارتي چونڊون 270 کان وڌيڪ اليڪٽرز جي کٽڻ سان پنهنجي ڪاميابي يقيني ٿيڻ کانپوءِ هن فلوريڊا رياست ۾ پنهنجي چونڊ هيڊ ڪوارٽر ۾ آمريڪين کي خطاب ڪيو. هن چيو ته هو ان وقت تائين آرام سان نه ويهندو جيستائين آمريڪا کي هڪ محفوظ ۽ خوشحال ملڪ بنائڻ جو عهد پورو نه ڪندو. آمريڪا جي عوام جي حقن لاءِ هر روز مق??بلو ڪنداسين. ملڪ جي سونهري دؤر جي شروعات ٿيڻ واري آهي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مُون ڪا جنگ شروع ناهي ڪئي پر مُون جنگيون ختم ڪيون آهن. هن آمريڪي عوام تي زور ڀريو ته هي وقت اتحاد جو آهي، گذريل سالن ۾ جيڪي ويڇا وڌيا انهن کي پُٺتي رکڻو پوندو، آمريڪا جي صدارتي چونڊ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابيءَ سان ئي سڄي دنيا ۾ ڪيترين ئي ڪرنسين جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي ??يمت ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ جي ??لوريڊا ۾ تقرير ۽ ڪاميابيءَ جي اعلان کان اڳ واشنگٽن ڊي سي ۾ ڪملا هيرس جي اليڪشن واچ پارٽيءَ وارو هنڌ ويران ٿيڻ شروع ٿي ويو. نائب صدر ڪملا هيرس کي هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي حامين کي خطاب ڪرڻو هو پر جيئن ئي معلوم ٿيو ته هوءَ تقرير نه ڪندي ته اتي موجود ماڻهو خالي ڪُرسيون ۽ آمريڪي جه??ڊا ڇڏي گهرن ڏانهن هليا ويا. ٻئي پاسي عالمي اڳواڻن ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪي صدارتي چونڊ ۾ ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون. اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو، ڊونلڊ ٽرمپ جي کٽڻ کي تاريخ ج?? سڀ کان وڏي واپسي قرار ڏنو. هن چيو ته هي اسرائيل ۽ آمريڪا وچ ۾ عظيم اتحاد لاءِ هڪ طاقتور عزم جو اظهار آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي، ڊونلڊ ٽرمپ کي تاريخي چونڊ ۾ ڪاميابيءَ تي مبارڪ ڏني. هن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون. ايڪس تي پنهنجي ??يغام ۾ ڀارتي وزيراعظم، ڊونلڊ ٽرمپ کي پنهنجو دوست چئي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي تاريخي چونڊ ڪاميابيءَ تي دل جي گهرائين سان مبارڪباد، اٽلي جي ??زيراعظم جارجيا ميلوني پڻ ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪباد ڏني آهي. هنگري جي ??ڪٽر اوربان، ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪي سياسي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي واپسيءَ تي مبارڪ ڏني. يوڪرين جي صدر پڻ ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته آمريڪي صدارتي چونڊ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪاميابي يوڪرين ۾ امن کي ويجهو ڪري ڇڏيو آهي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پنهنجي بيان ۾ نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪون ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته سندس اقتدار جي دؤر ۾ دنيا ۾ انصاف جو ڳاٽ اونچو هو. ايران جي حڪومت جي ترجمان فاطمي مهاجراني پنهنجي ??يغام ۾ چيو ته آمريڪي صدارتي چونڊ جي ??تيجن جو ايراني عوام جي زندگين تي ڪوبه اثر نه پوندو. ايران پنهنجي ??اليسين کي شخصيت نه پر اصولن جي بنياد تي جوڙيندو آهي ۽ ان تي عملدرآمد جاري رکندو. نيٽو جي سيڪريٽري جنرل آمريڪي صدر کي مبارڪون ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته سندس قيادت ۾ نيٽو دفاعي اتحاد وڌيڪ مضبوط ٿيندو. روس جي اڳوڻي صدر دمتري ميديدوف، ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪون ڏيندي چيو ته سندس هڪ خوبي اها آهي ته هو آمريڪي فنڊن کي غير ضروري طور ۽ خاص طور تي بيوقوف اتحادين تي خرچ ڪرڻ جي خلاف آهي. نيڌر لينڊ جي ??زيراعظم ڊڪ سڪوف، ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪون ڏيندي سندس حڪومتي دؤر ۾ آمريڪا سان سهڪار ۾ وڌيڪ بهتريءَ جي اميد جو اظهار ڪيو. ٻئي پاسي آسٽريا جي چانسلر ۽ چيڪ ريپبلڪ، سوئيڊن، ناروي، ڊينمارڪ ۽ ايلسلوا ڊور جي ??زيراعظمن پڻ ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪون ڏنيون آهن.
آمريڪي عوام تاريخ رقم ڪري ڇڏي، مُون جنگيُون شروع نه ختم ڪيُون آهن: صدر ڊونلڊ ٽرمپ
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا