واشنگٽن-24 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا چيو آ??ي ته ايران تي اسرائيلي حملي جي تياري جو راز ک??ڻ تي پينٽاگون جي ڪ??ھن ملازم کان پڇاڳاڇا ڪرڻ جو ارادو ناھي. پرڏيھي رپورٽ مطابق اھا ڳالھه ھن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي.ھن چ??و ته اھڙو ڪو او ايس ڊي ناھي ج??ھن جو نالو ان ليڪس بابت جاچ ۾ شامل ھجي.آمريڪي اداري ”ايف بي آءِ“ گذريل ڏي??ھن چيو ھو ته انتھائي ڳجھي معلومات منظر عام تي اچڻ جي حوالي سان جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ايف بي آءِ مطابق اھا جاچ ايران تي اسرائيلي حملي جي تياري بابت دستاويزن سان لاڳاپيل آھي، جڏھن ته لائيڊ اي آسٽن چ??و ته ڪ??ھن جي به ان معاملي ۾ ملوث ھج?? جا اطلاع نه مليا آھن. ان کان اڳ سوشل ميڊيا تي بنا ڪ??ھن ثبوت جي اھڙا اطلاع سامھون آيا ته آمريڪا جي دفاع واري وزارت جو ھڪ ملازم اسرائيلي منصوبي کي ليڪ ڪرڻ جو ذميوار آھي ۽ ج??ھن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. ليڪ ٿيل معلومات جي حوالي سان ائين ظاھر ٿي رھيو آ??ي ته اھي حساس نوعيت جا دستاويز ”نيشنل جيو اسپيشل انٽيلي جنس ايجنسي“ پاران ليڪ ڪيا ويا آھن، دستاويز 15 کان 16 آڪٽوبر دوران سيٽلائٽ جي تصويرن بابت آھن جيڪي اسرائيلي منصوبي جي آمريڪي تشريح جي سلسلي ۾ تيار ڪيا ويا آھن .اھي دستاويز سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽيلي گرام ميسجنگ“ تي گذريل ھفتي کان گردش ھيٺ آھن. وائيٽ ھائوس جي ترجمان جو چوڻ ھو ته اھا ڳالھه چوڻ مشڪل آ??ي ته دستاويز ھيڪ ڪيا ويا آھن يا ڪ??ھن لاڳاپيل اھلڪار انهن کي ليڪ ڪيو آھي. واضح ر??ي ته اسرائيل ايران پاران پھرين آڪٽوبر تي اسرائيل تي ڪيل بيلسٽڪ ميزائل حملي جو جوابي حملي جو اعلان ڪيو آھي ج??ھن جي تياري جاري آھي. جڏھن ته حماس جي اڳواڻ يحييٰ سنوار جي شھادت کان پوءِ اسرائيل غزه ۽ لبنان تي حملا تيز ڪري ڇڏيا آھن.
ايران تي اسرائيلي حملي جي تياري جو راز کلڻ تي پينٽاگان جي ڪنھن به ملازم کان پڇاڳاڇا نه ڪئي ويندي: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج