اسلام آباد – 23 نومبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تر??يت واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسز کي نظر ۾ رکندي تعليمي ادارا 26 نومبر کان 24 ڊسمبر تائين بند رهندا، جڏهن ته 25 ڊسمبر کان 10 جنوريءَ تائين سياري جون موڪلون ٿينديون. اهڙي ريت ڪي به تعليمي امتحان جيڪي رٿيل هئا، نه ٿ??ندا. جڏهن ته ووڪيشنل سينٽرز کليل رهندا ۽ انٽري ٽيسٽ ۽ نوڪرين لاءِ امتحانن جي اجازت هوندي، يونيورسٽيون ۽ سمورا تعليمي ادارا آن لائين تعليم ڏيندا. يونيورسٽين جي هاسٽلز ۾ هڪ ڀاڱي ٽي سيڪڙو شاگردن کي رهڻ جي اجازت هوندي. اهڙو فيصلو ت??ليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت ۾ تعلمي وارن صوبائي وزيرن جي اين سي او سي ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس کان پوءِ وزيراعظم جي قومي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل ??لطان سان گڏ شفقت محمود تفصيلن کان آگاهه ڪيو.
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis