اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي آبزرويشن جو جائزو ورتو ويو ۽ آرٽيڪل 255 ۾ ترميم ذريعي لفظ مدي ۾ واڌ جي اضافي جي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا وزيراعظم عمران خان ??ي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي فيصلي جي مڪ??ل حمايت ڪري ڇڏي آهي. وفاقي وزير شفقت محمود، شيخ رشيد احمد ۽ وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي هنگامي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ صحافين کي ??ري??نگ ڏئي رهيا هئا. پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود ڪابينا اجلاس جي حوالي سان ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي هنگامي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ??ي پاڻمرادو نوٽيس، عدالت جي آبزرويشن ۽ نوٽيسز جاري ڪرڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو.
وفاقي ڪابينا آرٽيڪل 255 ۾ ترميم جي منظوري ڏني آهي: شفقت محمود
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس