چنگ ڊائو – 11 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين پاڪ چين د??ستي فورم کي خطاب دوران ايس سي او ٽريڊ ڪوريڊر جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته ان لنگهه سان علائقائي توانائي جون ضرورت??ن پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي، چين جو پرڏيهي پاليسي ۾ ٻين ملڪن کي به ترقي جي سفر ۾ شامل ڪرڻ خوش آئنده ڳالهه آهي. صدر جيڪو هن ??قت شنگهائي تعاون تنظيم جي 18 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ چين جي 4 ڏينهن جي دوري تي آهي، هن ??نهنجي خطاب ۾ چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪامياب اجلاس منعقد ٿيڻ تي پو??ي چيني قوم ۽ حڪومت مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چيو ته چين سان سي پيڪ ۽ گوادر جهڙن منصوبن سان ٻئي ملڪ ئي نه پر خطي جي ٻين ملڪن ۾ ترقي ۽ خوشحالي کي هٿي ملندي.
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری