اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي ??زير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته قانون موجب ڪارروائي جاچ ادار?? جو حق آهي، اهي ڪارروايون چونڊن تي اثرانداز نه ٿينديون، جيڪڏهن ڪنهن کي جاچ ادارن جي ڪارروائي سان اختلاف آهي ته اهو اعليٰ عدليه سان رجوع ڪري ??گهي ٿو. هو اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي اهتمام هيٺ پاڪستابي ادب جا 70 سال جي موضوع تي قومي ادبي سيمينار کي خطاب ۽ بعد ۾ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي ??زير سيد علي ظفر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان پوري قوم کي يقين ڏياريون ٿا ته 25 جولاءِ 2018ع تي ئي عام چونڊون ٿينديون، نگران حڪومت جي اها ذميواري ??هي ته ايندڙ عام چونڊن کي صاف، شفاف، پرامن ۽ غيرجانبداراڻو بڻايون. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو به جاچ ادارو قانون ۽ آئين موجب ڪارروايون ڪري ??هيو آهي ته اهو ا?? جو حق آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي جاچ ايجنسي کان ڪا شڪايت آهي ته اهو هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ جي فورم سان رجوع ڪري ??گهي ٿو.
قانون موجب ڪارروائي جاچ ادارن جو حق آهي: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2