اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ش??هد خاقان عباسي چيو آهي ته معاشري خاص طور تي غريب طبق?? کي صحت جي بهترين سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن اها ڳالهه وزيراعظم هائوس ۾ ڪنٽونمنٽ اسپتال راولپنڊي جي نئين سر مرمت بابت بريفنگ جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ دفاع واري وزير انجنيئر خرم دستگير، قومي اسيمبلي ميمبر ملڪ ابرار احمد، ناڻي واري سيڪريٽري ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊائريڪٽر جنرل ملٽري لينڊز اينڊ ڪنٽونمنٽس وزيراعظم کي ڪنٽونمنٽ اسپتال ۾ ماڻهن کي صحت جي سهولتن جي فراهمي بابت بريفنگ ڏني.
مضمون کا ماخذ : quina acumulada