اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پ?? پي) وزيراعظم شاه?? خاقان عباسي چيو آهي ته 16 ڊسمبر 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ ۾ ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو ج??هن بربرريت ۽ سفاڪيت جي علمبردارن پاران آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ويندڙ معصوم جڏهن واپس آيا ته انهن مان ڪيترن ئي شهادت جي چادر اوڍي رکي هئي ۽ انهن جو هڪ وڏو انگ زخمن ۾ چُور ۽ ذهنن ۾ بزدل دشمن جي سفاڪيت جا نقش کنيل هئا. هن جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم جان ۽ مال جون جيڪي ??رب??نيون ڏنيون آهن اهي شايد ئي ڪنهن ٻي قوم ڏنيون هجن. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي ياد جي موقعي تي پ??هنجي پ??غام ۾ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ