اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قطر کان ا??ل اين جي جي درآمد جو معاهدو انتهائي شفاف طريقي سان ٿيو آهي، معاهدي ۾ ڪا به شيءَ لڪائي ناهي وئي، اسان جو معاهدو 15 سال ۾ دنيا ۾ گهٽ ترين قيمت جو معاهدو آهي، پهرين اسان ڀاڻ درآمد ڪندا هئاسين، ا??ل اين جي جي ڪري اڄ اسان برآمد ڪري رهيا آهيون، اڄ پوري ملڪ ۾ هر شعبي کي سڄو سال گئس ميسر آهي، اڳوڻين حڪومتن به ا??ل اين جي درآمد ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پر ڪا به اڳڀرائي نه ٿي. سينيٽ جي اجلاس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جو??ب ڏيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان وٽ توانائي کي کوٽ کي پورو ڪرڻ جو واحد رستو گئس حاصل ڪرڻ هو، هن چيو ته توانائي بحران جي خاتمي ۽ ا??ل اين جي جي لاءِ مشرف حڪومت سميت سمورين حڪومتن ڪوششون ڪيون پر انهن جو نتيجو سڀني جي سامهون آهي ۽ ڪجهه به حاصل نه ٿيو.
ايل اين جي معاهدو انتهائي شفاف طريقي سان ٿيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha