اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته شاهراتي نيٽ ورڪ جي مڪمل ٿ??ڻ سان اندروني ۽ علائقائي رابطن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ ملڪ ۾ واپاري ۽ صنعتي سرگرميون وڌنديون. ڪالهه خميس ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي طرفان مختلف موٽر ويز ۽ روڊن جي منصوبن تي عملدرآمد جي جائزي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم اين ايڇ اي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته روڊن جي وڏي انفراسٽرڪچر منصوبن جي شفافيت ۽ معيار تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو وڃي. سمورا رو?? بين الاقوامي معيار موجب ??ڻايا وڃن ۽ ٺيڪو ڏيڻ ۾ مڪمل شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته هي منصوبا ماڻهن کي روزگار جا هزارين موقعا فراهم ڪري رهيا آهن جنهن جي تڪميل سان اسان جي عوام ج?? سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي جي لاءِ نيون راهون ک??ند??ون.
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania