دمشق-11 سيپٽمبر (اي پي پي ) ش??م جي گادي واري ش??ر دمشق ۾ سعودي عرب جو سفارت خانو 12 سالن کانپوءِ ٻيهر کلي ويو آهي. عرب نيوز موجب سفارتخاني جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته تقريب ۾ ش??م جي حڪومت جي عهديدارن، سفارتڪارن، اهم شخصيتن ۽ اسڪالرز شرڪت ڪئي. سفارتخاني جي وقتي ناظم عبدالله الحارث ان موقعي تي چيو ته اهو ڏينهن سعودي عرب ۽ شام وچ ۾ ناتن جي تاريخ جو اهم لمحو آهي. سندس چوڻ هيو ته سفارتخانو ۽ ان جو عملو ٻ??هي ملڪن وچ ۾ ناتن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون استعمال ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ياد رهي ته سعودي عرب شام ۾ پ??هنجو سفارتخانو بند ڪري ڇڏيو هو، سال 2011ع ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿيڻ جي هڪ سال کان پوءِ مارچ 2012ع ۾ پ??هنجي سموري عملي کي واپس گهرائي ورتو هو. شام گذريل سال رياض ۾ پ??هنجو سفارتخانو ٻ??هر کوليو هو. 6 ڊسمبر تي سعودي عرب لاءِ ڊاڪٽر محمد ايمن سوسان کي سفير مقرر ڪيو هو. هن 24 ڊسمبر تي پنهنجون سندون سعودي حڪومت کي پيش ڪيون هيون.
شام ۾ سعودي سفارت خانو ٻارهن سالن بعد ٻيهر کلي ويو
مضمون کا ماخذ : ریل رش