گڏيل قومون – 9 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته سوڊان ۾ 16 مهينن کان جاري جنگ جي صورتحال جي نتيجي ۾ 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ ل??ين بي گهر ٿي چڪ?? آهن. ملڪ جو بنيادي ڍانچو پڻ تباهي جو نقشو پي?? ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس اذهانوم گبريس 2 ڏينهن واري دوري بعد پورٽ سوڊان شهر ۾ هڪ پريس ڪانفرنس دوران فوتين جي انگ جو اعلان ڪيو آهي. اهو شهر فوج جي حمايت يافته عالمي سطح تي تسليم ٿيل حڪومت جو هيڊ ڪوارٽر آهي. ٽيڊروس چيو ته فوتين جو اصل انگ وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. سوڊان هڪ طوفاني بحران جو شڪار آهي جتي تباهي جي حد ڇرڪائيندڙ آهي. سندس چوڻ هو ته هتي تڪرار گهٽا??ڻ لاءِ کنيل قدم ناڪافي آهن.
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria