بيروت – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل جي جنگي جهازن ڏکڻ لبنان تي وڏي پيماني تي شديد حملا ڪيا آهن، اهي حملا ان وقت شروع ٿيا جڏهن ح??ب الله جي سربراهه حسن نصر الله پنهنجي خطاب ۾ لبنان ۾ اليڪٽرانڪ مادن جي ڌماڪن ۾ درجنين فوتگين ۽ هزارين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪري رهيو هو. پرڏيهي خا??رو اداري مطابق اسرائيل جي فضائي حملن ۾ ڏکڻ لبنان ۾ ح??ب الله جي راڪيٽ لانچرز، هٿيارن جي ذخيرن ۽ ٻين ٺڪاڻن سميت هڪ سو کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو ويو آهي. اهي حملا ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيا جيڪي گذريل سال آڪٽوبر ۾ غزه جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ شديد ترين هئا. انهن حم??ن سبب نقصانن جو فوري طور تي ڪو اطلاع ناهي مليو. لبنان جي س??ڪا??ي خا??رو اداري چيو آهي ته اسرائيل خميس جي شام ملڪ جي ڏکڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 52 ح??لا ڪيا ۽ لبنان اتر اسرائيل ۾ فوجي ٺڪاڻن تي به حملا ڪيا آهن.
اسرائيلي جنگي جهازن پاران ڏکڻ لبنان تي شديد حملا
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا