گڏيل قومون- 13 آگسٽ (اي پ?? پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن تحت ڪائونسل ۾ آفريقا جي نمائندگي وڌائي ان خطي مان تاريخي نا انصافين جو ازالو ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو آه?? ته اهڙي طرح ڪائونسل کي وڌائيندي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ اثرائتو، جامع ۽ جوابده بڻائي سگهجي ٿو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستق?? نمائندي منير اڪرم سلامتي ڪائونسل ۾ آفريقا جي اثرائتي نمائندگي وڌائڻ جي حوالي سان هڪ مب??حثي دوران خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان آفريقا سان ٿيل تاريخي نا انصافين يعني ان تي قبضي، ڏاڍ، استحصال ۽ سلامتي ڪائونسل ۽ ٻين عالمي ادارن جي ڍانچي ۾ گهٽ نمائندگي جو اعتراف ڪريون ٿا. پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان آفريقا جي ان مطالبي سان اتفاق ڪري ٿو جيڪو ايزلويني اتفاق راءِ ۾ آفريقا جي خطي جي مساوي نمائندگي لاءِ طئي ڪيو ويو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي چئن رياستن، ڀارت، برازيل، جرمني ۽ جاپان جي مطالبي کان بلڪل مختلف آهن جيڪي پ??هنجي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ مهم هلائي رهيا آهن.
پاڪستان پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ آفريقا جي نمائندگي وڌائڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل