واشنگٽن -12 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چي?? آهي، ته آمريڪا پاڪستان ۾ آزاداڻا چونڊن تي زور ڏن?? آهي پر هو ڪنهن به سياسي پارٽي يا هڪ اميدوار جي حمايت نه ٿو ڪري. برطانوي خابرو اداري مطابق هن اها ڳالهه پرڏيهي کاتي جي معمول جي نيوز بريفنگ ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ چئي آهي. اسلام آباد ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم کان پاڪستان ۾ چونڊن جي نگران اداري اليڪشن ڪميشن جي سربراهه سان هاڻوڪي ملاقات بابت جڏهن سوال پڇيو ويو ته هن صحافي کي ان حوالي سا?? اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني سان رابطو ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته اميد آهي ته سفارتخانو ان جو صحيح جواب ڏيندو، جڏهن ته ميٿيو ملر صحافي کي چيو ته مون کي محسوس ٿي رهي?? آهي ته اوهان ڪيڏانهن اشارو ڪري رهيا آهيو پر ان ڳالهه جو و??جاءَ ڪيان ٿو ۽ ڪيترائي ڀيرا چئي چڪ?? آهيان ته آمريڪا پاڪستان ۾ چونڊن جي نتيجن جي حوالي سان ڪو به موقف اختيار ناهي ڪندو. ميٿيو ملر چيو ته اسان پاڪستان ۾ ڪنهن هڪ سياسي پارٽي يا ڪنهن اميدوار جي حمايت نه ٿا ڪيون پر اسان يقينن پاڪستان ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊ لاءِ ضرور زور ڀريندا آهي، جيئ?? اسان سڄ?? دنيا لاءِ ڪندا آهيون.
پاڪستان ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي يا اميدوار جي حمايت نه ٿا ڪيون: آمريڪي ترجمان
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو