مدينو شريف – 07 جولاءِ (اي پي پي) سعودي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي ت?? حج جي ادائگي کانپوءِ هن و??ت تائين مديني شريف پهچندڙ حا??ين جو انگ هڪ لک 42 هزار کان وڌي ويو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق سعودي حج ۽ عمري واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ت?? حج کانپوءِ هن و??ت تائين مديني شريف ايندڙ حا??ين جو تعلق مختلف ملڪن سان آهي جيڪي بسن ۽ حرمين ٽرين کان علاوه فضائي ذريعي پڻ مديني شريف پهچي ويا آهن. وزارت چيو ته الهجره شاهراه تي قائم حا??ين جي آجيان ڪندڙ مرڪز تي ايندڙ حا??ين جو انگ 17 هزار 258 رهيو جيڪي بسن جي ذريعي مڪي شريف کان هتي پهتا. حرمين ٽرين ذريعي 1797 حا??ي مديني شريف آيا. حا??ين جو مديني شريف آمد ۽ اتان پنهنج?? ملڪن کي روانگي جو سلسلو جاري آهي. حا??ين جي روانگي جي حوالي سان وزارت چيو ته هن و??ت تائين مديني جي زيارت ڪرڻ کانپوءِ 36 هزار 963 حا??ي پنهنج?? ملڪن ڏانهن روانو ٿي چڪا آهن. هن و??ت هڪ لک 5 هزار 617 حا??ي مديني شريف ۾ موجود آهن جن جو تعلق مختلف ملڪن سان آهي.
ڏيڍ لک حاجي مديني شريف پهچي چڪا آهن: سعودي حج واري وزارت
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔