تهران -12 ??ولاءِ (اي پي پي) ايران ج?? صدر ابراهيم رئيسي اڄ (اربع) تي آفريقي ملڪن ڪ??نيا، يوگينڊا ۽ زمبابوي جي 3 ڏينهن واري دوري جي شروعات ڪندي ڪينيا روانو ٿيندو. پرڏيهي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق ايراني صدر سان گڏ وفد ۾ پرڏيهي وزير کان علاووه ملڪ جون اهم ڪاروباري شخصيتون پڻ شامل آهن. دوري دوران ابراهيم رئيسي ٽنهي ملڪن جي صدر?? سان ملاقات ڪندو. ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ان دوري کي هڪ نئون موڙ قرار ڏنو جيڪو آفريقي ملڪ?? سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏئي سگهي ٿو. هن چي?? ته ايران ۽ 3 آفريقي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل سياسي نظرين تي ٻڌل آهن. ياد رهي ته گذريل 11 سالن ۾ ڪنهن به ايراني صدر پاران آفريقا جي ڪنهن به ملڪ جو اهو پهريون دورو هوندو.
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال