اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته حڪومت سرڪاري زمين جي استعمال لاءِ هر ممڪن تعاون ۽ رهنمائي ڪندي، ان ڏس ۾ دير جو ڪو جواز تسليم نه ڪي?? ويندو، سمورا لاڳاپيل ادارا س??ڪاري زمين جي حوالي سان سنجيده سفارشون ۽ ٺوس پلان پيش ڪن. وزيراعظم پاران سرڪاري زمين جي استعمال جي حوالي سان قائم خصوصي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو ته ڪجهه زمين کي اڃان تائين استعمال نه ڪي?? ويو ۽ نه ئي ان زمين جي استعمال جي حوالي سان ڪو پلان جوڙيو ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز