اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي سريلنڪن وزيراعظم رنيل وڪرما سنگها فون ڪئي ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. سريلنڪا جي وزيراعظم خيرسگالي جذبن جو اظهار ڪندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ گڏج?? ڪم ڪرڻ جي ا??ميت کي اجاگر ڪيو.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت