اسلام آباد – 23 م??رچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀني کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، هي پاڪستاني قوم جي لازوال قربانين جو ثمر آهي جو پاڪستان دهشتگردي کان پاڪ ٿي رهيو آهي ۽ ام?? جا اجالا نظر اچي رهيا آهن، دهشتگردي خلاف پاڪستاني قوم جو جذبو واکاڻ جوڳو آهي، اسان قيام پاڪستان کان وٺي تعمير پاڪستان تائين ??ڏا وڏا سنگ ميل عبور ڪيا آهن ۽ هڪ خوشحال پاڪستان اڀري سامهون اچي رهيو آهي. هتي پاڪستان سوئيٽ هومز ۾ يوم ??اڪستان جي حوالي سان ”پاڪستان ڊي پريڊ“ جي تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته 23 م??رچ يوم ??اڪستان جو ڏينهن تاريخي اهميت رکندڙ آهي جنهن ڏينهن قرارداد پاڪستان منظور ٿي هئي ۽ علامه اقبال جي خواب جي تعبير لاءِ قائداعظم محمد علي جناح تحريڪ جو بن??اد رکيو ۽ هر شخص ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ تحريڪ جي ڪاميابي سان پاڪستان وجود ۾ آيو.
پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀني کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی