اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن جي نظام کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ ۽ آٽوميشن جو نظام متعارف ڪرائڻ سان اخباري ص??عت ۾ بهتري اچڻ سان گڏوگڏ شفافيت ۽ گڊ گورننس کي يقيني بڻا??ڻ ۾ پڻ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحا??ي تنظيمن سميت وفاقي ۽ صوبائي اطلاعات کاتن جي آفيسرن تي ٻ??ل مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن جي ڪمپيوٽرائيزيشن ۽ آٽوميشن جو عمل سمورين ڌرين جي مفاد ۾ هوندو. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي ثمرن سان علائقائي ۽ مقامي اخبارون پڻ فائدو کڻي سگهن ٿيون. مملڪتي وزير چيو ته آٽوميشن جو بنيادي مقصد اخبارن جي سرڪيوليشن جي انگن اکرن کي آن لائ?? ڪرڻ آهي جنهن سان نه رڳو ميڊيا جي ص??عت ۾ بهتري ايندي پر ان سان شفافيت ۽ گڊ گورننس کي پڻ يقيني بڻا??ڻ ۾ مدد ملندي.
آٽوميشن جي نظام سان اخباري صنعت ۾ بهتري ايندي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز