نيويارڪ – 18 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته افغانستان جي عورتن کي ڪاروباري سرگرمين ?? سخت رڪاوٽون درپيش آهن، ان باوجود انهن جي انتظام هيٺ ڪاروباري ادارا ٻين ع??رتن لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪري رهيا آهن. ترقي بابت عالمي اداري جي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي تازي رپورٽ مطابق افعانستان ?? سخت چيلنجز کي منهن ڏيڻ باوجود عورتن جي انتظام هيٺ ڪاروبار نه رڳو صنف نازڪ لاءِ ڪمائڻ جا موقعا پيدا ڪري رهيا آهن پر انهن ڏکين حالتن ۾ اقتصادي استحڪام ۽ اميد جي اهم ستون طور تي پڻ ڪم ڪري رهيا آهن يو اين ڊي پي جي ايشيا ۽ پيسيفڪ جي علائقائي ڊائريڪٽر ڪاني وگناراجا جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ گذريل 3 سالن دوران جمع ڪيل انگن اکرن م??ن معلوم ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ ڪاروباري عورتون ا??تهائي سنگين حالتن ۾ ناقابل يقين حوصلي ۽ دليري سان ع??رتن لاءِ نوڪرين جا وسيلا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻيون. جاچ مان ا??ا ڳالهه سامهون آئي آهي ته افغانستان جي عورتن کي ڪاروبار ڪندي ڪيترن ئي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.
افغان عورتون واپاري ڏکيائين باوجود مستحڪم، ٻين کي روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهيون آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن