واشنگٽن -16 اپريل (اي پي پي) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر سان فرانسسڪو ۾ فلسطين جي حامين مظاهري دوران گولڊن گيٽ پل کي بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ??ري??ڪ جي اچ وڃ بند رهي. اي ايف پي موجب گذريل ڏينهن سان فرانسسڪو ۾ شهرين غزه ۾ اسرائيل جي جارحيت خلاف ۽ مظلوم فلسطينين جي حمايت ۾ مظاهرو ڪيو ۽ شهر جي مشهور پل گولڊن گيٽ برج کي بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ??ري??ڪ معطل رهي. فضائي فوٽيج ۾ پل تي ??ري??ڪ جي رڪيل رواني کي ڏيکاريو ويو آهي جڏهن ته ٻئي رخ ۾ رستا ويران ۽ پوليس جي موجودگي ڏيکاري وئي آهي. مظاهرو ڪندڙن گذريل ڏينهن فلاڊيلفيا ۾ شاهران ۽ شڪاگو جي اوهيئر عالمي ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ رستو به بند ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري مسافرن کي ايئرپورٽ ڏانهن پنڌ وڃڻو پيو. هوڏانهن ڪينيڊا، اٽلي، ڏکڻ ڪوريا، ڪولمبيا ۽ بيلجيئم ۾ به اسرائيل خلاف مظاهرن جي رٿابندي ڪئي وئي. وا??ح رهي ته آمريڪا ۾ احتجاج ان وقت سامهون آيا آهن جڏهن آمريڪي صدر جوبائيڊن کي پنهنجي پارٽي اندر اسرائيل جي حمايت جاري رکڻ تي تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو آهي. فلسطين جي صحت وا??ي وزارت موجب غزه م هاڻي تائين گهٽ م گهٽ 33797 شهرين شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي.
غزه ۾ اسرائيل جي بربريت خلاف سڄي آمريڪا ۾ مظاهرا، ٽريفڪ جي آمد رفت معطل
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ