ڊيووس – 19 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب ۽ سنگاپور جي انفا??مي??ن ٽيڪنالوجي جي وزيرن ڊيووس اجلاس دوران ملاقات ڪئ?? آهي. اردو نيوز مطابق ٻنهي ملڪن ان موقعي تي ٻه طرفا سهڪار ۽ دلچسپي جي موضوعن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئ?? ۽ ٻه طرفه سهڪار ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ گرمجوشي جو اظهار ڪيو آهي. سعودي عرب جي ڪميونيڪيشن اينڊ انفا??مي??ن ٽيڪنالوجي بابت وزير عبدالله السواحه ۽ سندس سنگاپور جي هم منصب جوزفين ٽيو ڊيجيٽل اڪانومي کان علاوه اڀرندڙ معيشت ٽيڪنالوجيز ۽ ڊيجيٽل گورنمنٽ جي شعبن ۾ ٻه طرفا اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي وڌائڻ جي طريقن تي تفصيلي غور بعد شراڪتداري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سعودي وزير ان سلسلي ۾ ڊيجيٽل ترقي لاءِ قدمن کي همٿائڻ جي ڪوششن جي اهميت اجاگر ڪئ??. ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ سنگاپور گڏيل ڪميٽي جي دائري ۾ ??ين??ڙ معاملن تي خاص ڌيان ڏنو ويو.
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری