اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان تي پاڪستان جي ??يادت ۽ عوام سان افسوس ۽ ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ چين جي صدر ۽ وزيراعظم جو خصوصي پيغام صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پهچايو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي ??اءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سدائين وانگر چين جي ??يادت ۽ عوام پاڪستان دوستي ۽ فراخدلي جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته هو صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ جا دل سان ٿو??ا مڃي ٿو. واضح رهي ته چين پاران پاڪستان جي ??وڏ متاثرين جي ??اءِ 190 ملين يوآن (آر ايم بي) امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي. چين پاران 25000 خيمن ۽ ٻين امدادي شين جو عطيو ڪيو ويو آهي. چيني فضائيه جون اڏ??مون 300 خيمن جي ??هرين کيپ کڻي اڄ ۽ سڀاڻي ڪراچي پهچنديون. پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ڪراچي ۾ امدادي سامان پاڪستاني عملدارن جي حوالي ڪندو. چين پاران ٻوڏ متاثرين جي ??اءِ امداد جي ??راهمي بابت اقتصادي معاملن واري ڊويزن کي چين جي سفير جي ڪراچي کان واپسي تي باضابطا آگاهه ڪيو ويندو. چين جي سفير نونگ رونگ چين جي ??يادت جي ??يصلي سان پاڪستان حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو.
چين جي صدر ۽ وزيراعظم پاران پاڪستان جي قيادت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا