گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گوادر ۾ هر گهر کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ سولر پ??نلز جي ذريعي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئ?? آهي. هن چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن تعاون جي خاطير ڪرائيندي منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي جامع ڳالهيون ڪرڻ ۽ سمورن مسئلن جي حل لاءِ ??اضح روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئ??. هن اهي هدايتون چيني ڪمپنين جي وفد سان ملاقات دوران ڏنيون. وزيراعظم انهن کي گوادر شهر ۾ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائي هر گهر کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ سولر پ??نلز جو استعمال ڪري بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئ??. هن گوادر ايئرپورٽ کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ گوادر پ??رٽ کي دنيا جي مصروف ترين ۽ منافعو ڏيندڙ بندرگاهه بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم ان مقصد جي لاءِ چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي ان سلسلي ۾ چيني سيڙپڪارن سان جامع ڳالهيون ڪرڻ ۽ سمورن مسئلن جي حل لاءِ ??اضح روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئ??. ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير نوابزاده شاهه زين بگٽي، خاص مع??ونين طارق فاطمي ۽ فهد حسين کانسواءِ ??يون اهم سياسي شخصيتون پڻ موجود هيون.
وزيراعظم شهباز شريف پاران گوادر ۾ هر گهر کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ سولر پينلز جي ذريعي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت