اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي، ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي، اميد آهي ته عدالت سڳوري اسان جي پارليامينٽ کي وکرجڻ کان بچائيندي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صح??فين سان ڳالهائيندي ڪيو. شيري رحمان چيو ته اسان اليڪشن کان ڀڄي ناهيون رهيا، سڀني جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن. عدالت سڳوري اسپيڪر جي رولنگ تي فوڪس رکيو آهي، اميد آهي ته عدالت سڳوري اسان پارليامان کي وکرجڻ کان بچائيندي. ان کان اڳ م??لم ليگ (ن) جي اڳواڻ مصدق ملڪ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يقين آهي ته عدالت سڳوري آئين جو ڳاٽ اونچو ڪندي.
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت