سکر – 25 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت ۾ نفرت جي باهه ڀڙڪي رهي آهي ۽ پاڪستان دلين کي ڳنڍي رهيو آهي، اسان کي ٻه قومي نظريي تي فخر آهي، جڏ??ن ڀارتي حڪومت مسلمانن جي خلا?? ظلم جا داستان لکي رهيو آهي ته اهڙي وقت ۾ ٻه قومي نظريو وڌيڪ شدت سان اجاگر ٿي رهيو آهي، پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي ۽ سي پيڪ سان پاڪستان جي معاشي اهميت وڌي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيڊٽ ڪاليج گهوٽڪي ۾ ڪيڊٽس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪيڊٽ ڪاليجز جي تاريخ شاندار رهي آهي، معاشرو خاص طور تي پاڪ فوج جي لاءِ انهن ڪاليجز اعليٰ تعليم يافته ذهن پيدا ڪيا آهن. انهن ادارن م ميرٽ نه هجي ته شا??ردن جي محنت ضايع ٿي وڃي ٿي. ميرٽ جي پائمالي سان ادارا تباهه ٿي وڃن ٿا. هن وقت جي معاشري جي ضرورت آهي ته معيشت بهتر ٿئي ان جي لاءِ شا??ردن کي تيار ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته شا??رد انفارميشن ٽيڪنالاجي تي ڌيان ڏين، ملڪ ۾ خاموش انقلاب اچي رهيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان اخلاقيات جي حوالي سان اڳتي وڌي رهيا آهيون. پاڪستاني قوم اخلاقي لحاط کان مضبوط قوم بڻجي چڪي آهي. عوام ڪوڙين خبرن تي ڌيان نه ڏي. اڳ ۾ سمورين حڪومتن افغان پناهگيرن جي ڪڏهن ڳالهه نه ڪئي هئي، اسان افغان مسئلي کي دنيا آڏو پيش ڪيو آهي. پاڪستان ۾ 40 ??ک افغان پناهگير موجود آهن، ڪڏهن به ڪنهن اعتراض نه ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻه قومي نظريي تي اسان کي فخر آهي. جڏ??ن ڀارت ۾ نفرت جي باهه ڀڙڪي آهي ۽ ڀاري حڪومت مسلمانن جي خلا?? ظلم جا داستان لکي رهي آهي ته اهڙي وقت ۾ ٻه قومي نظريو وڌيڪ شدت سان اجاگر ٿي رهيو آهي. صدر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح چيو هو ته منهنجو ملڪ دنيا جو طاقتور ترين ملڪ هوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ايندڙ وقت ڪمپيوٽر جي ذريعي سڌوسنئون علم حاصل ڪرڻ جو وقت هوندو، شا??ردن کي پاڪستانيت جي جذبي تحت ايمان ۽ اتحاد تي قائم رهندي جديد ٽيڪنالاجي ۽ سائنس علم حاصل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي، سي پيڪ سان معاشي اهميت وڌي آهي ڇو ته پاڪستان وچ ايشيا جي ملڪن جي لاءِ واپاري مرڪز بڻجي سگهي ٿو.
ڀارت ۾ نفرت جي باهه ڀڙڪي رهي آهي ۽ پاڪستان دلين کي ڳنڍي رهيو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار