ڪراچي_30 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي سان جي ڊي سي جي چيئرمين شيخ حسن ،جنرل سيڪريٽري ظفر عباس، ايڊيشنل سيڪريٽري سجاد وحيد ۽ ٻين گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري ظفر عباس صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي کي جي ڊي سي پاران ڪراچي ۾ 50 فري ڊا??يلاسز جي تيزي سان تياري ۽ مفت علاج، جي ڊي سي دسترخوان ۽ ٻين خدمتن ??ابت آگاهي ڏني جنهن تي صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي جي ڊي سي جي سڀني ڀلائي جي ڪمن جي واکاڻ ڪئي ۽ پنهنجي سهڪار جي خاطري ڪرائي. جي ڊي سي جي جاري ڪيل پريس رليز موجب صدر مملڪت حڪومت جي احساس پروگرام جي مختلف اسڪيمن جو ذڪر ڪيو. هن خانگي شعبي تي زور ڀريو ته هو ??يروزگار نوجوانن لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪري . ان موقعي تي جي ڊي سي پاران صدر مملڪت ڊاڪٽر علوي کي يادگاري شيلڊ پڻ پيش ڪئي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ