اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هنگامي صورتحال ۽ انساني الميي کان بچڻ لاءِ پاڪستان افغان ع??ام جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندو، افغانستان جي ??رورت وق?? اڪيلو ڇڏڻ ڪنهن جي مفاد ۾ نه هوندو، حڪومت پاڪستان افغان ع??ام جي مدد لاءِ 5 ارب روپين جي ??مداد مختص ڪئي آهي، پاڪستان جي ??ستي افغان ع??ام کي امداد ڏيندڙ عالمي ادارن کي سهولت فراهم ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان بابت ايپڪس ڪميٽي جي ٻي اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، شيخ رشيد احمد، اسد عمر، صلاحڪارن شوڪت ترين ۽ عبدالرزاق دائود، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ سينئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هنگامي صورتحال ۽ انساني الميي کان بچڻ خاطر پاڪستان افغان ع??ام لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندو، افغانستان کي ضرورت جي وق?? اڪيلو ڇڏڻ ڪنهن جي مفاد ۾ نه هوندو. حڪومت پاڪستان افغان ع??ام جي مدد لاءِ 5 ارب روپين جي ??مداد مختص ڪئي ??هي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستان جي ??ستي افغان ع??ام کي امداد ڏيڻ وارن عالمي ادارن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ايپڪس ڪميٽي ۾ شرڪت ڪندڙن افغانستان ۾ هنگامي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پاڪستان آچر ت?? او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ??صوصي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، ان خصوصي اجلاس ۾ افغان ع??ام جي مشڪلاتن کي اجاگر ڪيو ويندو ۽ انهن جي مدد جي ??والي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
انساني الميي کان بچڻ لاءِ پاڪستان افغان عوام جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندو: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن