اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اس?? قيصر سان ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي معاشي صورتحال خاص طور تي قبائلي ضلعن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ آبادگارن کي درپيش مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪ??ي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ڪنهن به صورت ۾ آبادگارن جو استحصال برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، انهن جي مفادن جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. هن هدايت ڪئي ته تمباڪو جي آبادگارن کان تمباڪو جي خريداري ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ??ڃي ڇو ته فصلن جي وقت سر خريداري نه ٿيڻ جي ڪري آبادگارن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿئي ٿو. اسپيڪر حڪومت جي قبائلي عوام ۽ غريبن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي قدمن کي ساراهيو. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت تري?? چيو ته اڳوڻي فاٽا جي سمورن ضلعن جي ترقي ۽ اتان جي عوام جون محروميون ختم ??رڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قبائلي ضلعن ۾ معاشي سرگرميون شروع ٿيڻ سان روزگار ملندو. ه?? چيو ته ڪ??مياب جوان پروگرام سان قبائلي نوجوانن کي روزگار ڏينداسين. ناڻي واري وزير چيو ته اڳوڻي فاٽا جو ترقياتي پئڪيج چونڊيل قبائلي قيادت ۽ عوام جي مشاورت سان اڳتي وڌايو ويندو، ڪامياب جوان پروگرام ذريعي قبائلي ضلعن جي نوجوانن کي قرض ڏينداسين ته جيئن اهي پنهنجو روزگار شروع ڪري سگهن ۽ معاشي لحاظ کان پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن. اسپيڪر چيو ته نئين ضلعن ۾ صحت انصاف ڪارڊ جاري ??رڻ قبائلي عوام جي لاءِ حڪومت جو تمام وڏو تحفو آهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل