اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومتن کي ٽاسڪ ڏنو آهي ته اهي آبادگار مارڪيٽن جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ 24 ڪلاڪن ۾ قابل عمل منصوبو پيش ڪن، کاڌي پيتي جي شين جي سرڪاري اگهن تي عملدرآمد نه ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڇي. وز??راعظم جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ کاڌي پيتي جي ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان ا??تظامي قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وز??رن، صلاحڪارن، صوبائي وز??رن ۽ اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. چئني صوبائي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وز??راعظم هول سيل ۽ ريٽيلرز جي سطح تي قيمتن ۾ فرق تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان ڪمزور عملدرآمد مڪينزم ۽ريگيوليٽري مڪينزم ۾ ڪوتاهين جي نشاندهي ٿئي ٿي. هن چيو ته وڏن شهرن ۾ محدود آبادگار مارڪيٽس پڻ آبادگارن جي استحصال جو هڪ سبب آهن. مڊل مين پاران ناحق منافعي جي ڪري قيمتن ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ ان سان غريب متاثر ٿئي ٿو. وز??راعظم صوبائي چيف سيڪريٽرين کي ٽاسڪ ڏنو ته اهي اٽي جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ ڪڻڪ جي پيڙهائي جي شرح جي حوالي سان ٺوس منصوبو پيش ڪن ته جيئن ا??ي جي قيمتن کي هيٺ آڻي سگهجي. وز??راعظم پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومتن کي ٽاسڪ ڏنو ته اهي 24 ڪلاڪن ۾ فارمر مارڪيٽس جو انگ وڌائڻ، نجي شعي کي پنهنجي ذاتي مارڪي??س قائم ڪرڻ ?? اين ا?? سي جي شرط ختم ڪرڻ جي لاءِ قابل عمل منصوبو پيش ڪن.
پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون حڪومتون آبادگار مارڪيٽن جي انگ ۾ اضافي لاءِ 24 ڪلاڪن ۾ قابل عمل منصوبو پيش ڪن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات