اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ??اڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ڪرسمس ڏڻ جون دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته بين المذاهب هم آهنگي ۽ هڪٻئي جي عقيدن ?? نظرين جي احترام جي ذريعي ئي امن ۽ ترقي جي عمل کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۽ سڄي دنيا ۾ امن جي فروغ ??اء?? بين المذاهب هم آهنگي انتهائي اڻٽر آهي ۽ دنيا جا سمورا مذهب امن، محبت، برداشت ۽ انسانيت جي احترام جو سبق ڏين ٿا. پائيدار امن جي قيام ??اء?? بين المذاهب مڪالمه ضروري آهي، هن چيو ته انفرادي ۽ اجتماعي فلاح ۽ ڀلائي ??اء?? گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن دنيا کي امن جو گهوارو بنائي سگهجي ۽ اهو ڏينهن ان لحاظ کان انتهائي اهم آهي ته ان ڏينهن ان عظيم مسيحا جو ظهور ٿيو جنهن انسانيت کي امن، برداشت ۽ محبت جو درس ڏنو، سينيٽ چيئرمين چيو ته مسلمان جي حيثيت سان حضرت عيسيٰ عليه السلام الله تعاليٰ جي پيغمبر جي طور تي اسان جي ??اء?? قابل قدر آهي ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام جو امن ۽ محبت جو پيغام ۽ تعليم اسان جي ??اء?? ايتري ئي اهم آهي جيتري اسان جي عيسائي ڀائرن ۽ ڀينرن ??اء?? اهميت رکندي آهي.
سينيٽ چيئرمين پاران مسيحي برادري کي ڪرسمس ڏڻ جون دلي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن