اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان، ايران، چ??ن، ترڪيءَ، روس ۽ افغانستان اهڙا پاڙيسري، دوست ۽ ڀائر ملڪ آهن جن جي جاگرافيائي، گڏيل قدر ۽ خيال ۽ هڪ جهڙيون حالتون پنهنجي عوا?? جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا وسيع موقعا فر??هم ڪن ٿيون، اسان جي جاگرافيائي ويجهڙائپ تاريخ جي ڌارا بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿي، دهشتگردي هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن خطي جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مسئلا پيدا ڪيان، پاڪستان ان کان سڀ کان و??يڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي، دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان جي هٿياربند فوج خصوصي تجربو ۽ مهارت رکي ٿي جنهن مان اسان جا پاڙيسري ملڪ به فائدو کڻي سگهن ٿا، ان سلسلي ۾ اسان پنهنجي سمورن دوستن کي مخلصاڻي تعاون جي آڇ ڪريون ٿا. 6 ملڪن جي پهرين اسپيڪرز ڪانفرنس کي خصوصي مهمان طور خطاب ڪندي صدر چيو ته خطي جي ??هم ترين دوست ۽ ڀائر ملڪن جي اسپيڪرز جي ميزبا??ي منهنجي لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي. آئون اسلام آباد جي خوبصورت فضائن ۾ دل جي گهرائي سان توهان سڀني جي آجيان ڪريان ٿو.
پاڪستان، ايران، چين، ترڪيءَ، روس ۽ افغانستان پاڙيسري، دوست ۽ ڀائر ملڪ: صدر
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا